جمال فقير خاصخيلي

جمال فقير خاصخيلي

جمال فقير خاصخيلي

جمال فقير خاصخيلي: حر ڪمانڊو، جمال فقير خاصخيلي، 1922ع ڌاري ڳوٺ ماڻو جمالي، ضلعي سانگهڙ ۾ وريام فقير خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق وچولي طبقي جي زميندار گهراڻي سان هو. سندس خاندان، پير پاڳاري سورهيه بادشاهه پاران انگريزن خلاف هلايل تحريڪ کان متاثر ٿي، پاڳاري جي مريديءَ ۾ داخل ٿيو. پاڪستان جي قيام بعد جڏهن پير شاهه مردان شاهه،ستين پاڳاري جي حيثيت ۾ گادي نشين ٿيو ته 1954ع ۾ هنن پنهنجي ڳوٺ ۾ مرشد جي دعوت ڪئي. هن 1962ع ۾ ڳوٺ ڇڏي شهدادپور شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. شهر ۾ سنڌي مسلم هوٽل تنهن وقت مشهور هوندو هو، جيڪو خريد ڪري گذرسفر ڪرڻ لڳو. جڏهن پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ وڌي جنگ تائين پهتي، تڏهن ستين پاڳاري ‘شاهه مردان شاهه’ جي حڪم تي مجاهد فورس ۾ شامل ٿي جنگ ۾ حصو ورتائين.1965ع واري جنگ ۾ حرن جي چيف ڪمانڊر ۽ خليفي فقير محمد امين مڱريي هن کي ڪمپني ڪمانڊر مقرر ڪري موڻاٻائو واري سرحد تي ملڪي حفاظت جون ذميواريون ڏنيون. جتي هن ڀارتي فوج سان مهاڏو اٽڪائي کين واپس هٽايو ۽ موڻاٻائو تائين ڀارتي علائقو فتح ڪيو. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ پير پاڳاري جي حڪم تي پنهنجي فورس وٺي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيائين. 1971ع واري جنگ ۾ فقير امين جي ڪمان هيٺ، ڪمپني ڪمانڊر جي حيثيت سان رحيم يار خان ڇانوڻيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ پنهنجي فورس جي اڳواڻي ڪيائين. بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت قائم ٿي. پاڻ اڃا رحيم يار خان ۾ ڊيوٽيءَ تي ئي هو ته مٿس شهدادپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. مجاهد فورس جي رحيم يار خان مان واپسيءَ بعد هن کي ڊي. پي. آر تحت گرفتار ڪري، 1973ع کان 1977ع تائين حيدرآباد، ڪراچي ۽ سکر جيل ۾ قيد رکيو ويو. سڀني ڪيسن مان باعزت آزاد ٿيڻ بعد سياست ۾ سرگرم ٿيو ۽ سماجي ڪمن کي وقت ڏيڻ لڳو. وٽس راڄوڻي فيصلا پڻ ٿيندا هئا. سڀني راڄن ڀاڳن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. 1979ع کان 1993ع تائين ٽي ڀيرا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سانگهڙ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1993ع وارين عام چونڊن ۾ هن پنهنجي پٽ محمد بخش خاصخيلي کي ايم.پي.اي جي سيٽ تي بيهاريو، جيڪو 1993ع واري اليڪشن ۾ هارائي ويو، پر 1997ع واري اليڪشن کٽي پارليامينٽ ۾ پهتو.
جمال فقير خاصخيلي، 2000ع ۾ ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو